اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ علائقائي ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي حالتن ۾ پاڪستان عالمي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. جمهوريه چيڪ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ …
پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ علائقائي ۽ عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي حالتن ۾ پاڪستان عالمي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. جمهوريه چيڪ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن ۽ سڄي دنيا ۾ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي. هن 2021ع ۾ پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ وچ ۾ دفاعي، صنعتي ۽ لاجسٽڪس تعاون جي معاهدي جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان موجوده فريم ورڪ کي استعمال ۾ آڻيندي عالمي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ امن ۽ اميد کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. هن چيو ته دنيا نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر جي ڳالهه ڪري ٿي، جڏهن ته پاڪستان پاڻ کي نيٽ پيس پرووائيڊر بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي. مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ ملڪ علائقائي ۽ عالمي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي پراڻن لاڳاپن کي اجاڳر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا رابطا پاڪستان جي قيام کان اڳ جا آهن ۽ انهن ۾ واپاري، فني، تعليمي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. هن پاڪستان ۾ باٽا جي موجودگي ۽ بٽاپور جي قيام کي ٻنهي ملڪن جي پراڻي واپاري لاڳاپن جو مثال قرار ڏيندي چيو ته هي ڪمپني اڄ به سڄي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي مشهور آهي. وفاقي وزير تعليمي تعاون کي به اجاگر ڪندي چيو ته سوين پاڪستاني شاگرد چيڪ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جتي کين جديد ٽيڪنالاجيز، ڪاروباري ماڊلز ۽ عالمي طريقيڪار کان آگاهي حاصل ڪرڻ جا موقعا ملي رهيا آهن. هن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اهڙن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، جيڪي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.











