اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان عالمي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اڱاري ڏينهن هتي جاري بيان ۾ ناڻي واري وزارت چيو ته پاڪستان مالي سال 2026ع دوران ترقياتي عمل لاءِ نجي سيڙپڪاري متحرڪ ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ سيڙپڪارن سان وڌيڪ تيزي ۽ ويجهي تعاون جي عزم …
عالمي بئنڪ سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: ناڻي واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان عالمي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اڱاري ڏينهن هتي جاري بيان ۾ ناڻي واري وزارت چيو ته پاڪستان مالي سال 2026ع دوران ترقياتي عمل لاءِ نجي سيڙپڪاري متحرڪ ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ سيڙپڪارن سان وڌيڪ تيزي ۽ ويجهي تعاون جي عزم تي عالمي بئنڪ جي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. انهن قدمن سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي ته پائيدار انساني سرمائي جي ترقي، عوام لاءِ بهتر معاشي موقعن ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۽ اهڙين مضبوط معيشتن جي جوڙجڪ لاءِ نجي سيڙپڪاري کي وڌ کان وڌ متحرڪ ڪيو وڃي جيڪي خوشحال ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جا موقعا فراهم ڪري سگهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ، پاليسين ۾ تسلسل، سيڙپڪاري جي ماحول ۾ بهتري آڻڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي عزم تي قائم آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن نئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪري سگهجن، نجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهجي، اقتصادي ترقي جي رفتار تيز ڪري سگهجي، روزگار جا موقعا پيدا ٿين ۽ ترقي جي امڪانن کي عوام لاءِ ٺوس ۽ قابل عمل نتيجن ۾ تبديل ڪري سگهجي.











