آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 277 رپيا 12 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 73 رپيا 80 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 735 …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 03 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 277 رپيا 12 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 73 رپيا 80 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 735 رپيا 07 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 719 رپيا 78 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو اگهه 900 رپيا 62 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 02 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277 رپيا 95 پئسا ۽ وڪرو 278 رپيا 15 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں