اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 75 هزار 631 رپين مان گهٽجي 3 لک 74 هزار 945 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 44 هزار 340 رپين مان گهٽجي 3 لک 43 هزار 712 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 20 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6558 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 17 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5622 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4156 ڊالرز مان گهٽجي 4148 ڊالرز ٿي وئي.











