وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي هيوسٽن ۾ پاڪستان آمريڪن ڪانگريس جي صدر طرفان خصوصي آجياڻي ۾ شرڪت

هيوسٽن/ٽيڪساس-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ پاڪستان آمريڪن ڪانگريس (پي اي سي) جي صدر ڊاڪٽر اشرف عباسي طرفان پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي نمايان اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن، پروفيشنلز ۽ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ هيوسٽن ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل آفتاب چوڌري به شرڪت ڪئي. پروگرام جو بندوبست ٽيڪساس …

هيوسٽن/ٽيڪساس-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ هيوسٽن، ٽيڪساس ۾ پاڪستان آمريڪن ڪانگريس (پي اي سي) جي صدر ڊاڪٽر اشرف عباسي طرفان پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي نمايان اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن، پروفيشنلز ۽ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ هيوسٽن ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل آفتاب چوڌري به شرڪت ڪئي. پروگرام جو بندوبست ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ مشهور تعليمي ماهر ۽ پاڪستاني ۽ ڪاروباري ڪميونٽي سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپيل اقبال شيخ جي تعاون سان ڪيو ويو. اقبال شيخ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ 20 سالن تائين پبلڪ رليشنز آفيسر طور فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي جڏهن ته هو 10 سالن تائين ڪاروباري گروپ سان به لاڳاپيل رهيو. پاڪستان آمريڪن ڪانگريس 1990ع ۾ قائم ٿي ۽ اتر آمريڪا ۾ پاڪستاني تنظيمن جي هڪ امبريلا تنظيم آهي. تنظيم موجب هي ادارو پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ خير سگالي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته سماجي، تعليمي ۽ ڪميونٽي سرگرمين لاءِ به پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي بابت خدمتن، فوڊ پروسيسنگ ۽ زراعت، ٽيڪسٽائيل ۽ ويليو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ، آٽو موبائيلز، لاجسٽڪس، سياحت ۽ مهمانوازي، هائوسنگ ۽ تعميرات سميت صنعتي ۽ خدمتن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وفاقي وزير خصوصي اقتصادي زونز جي اهميت تي به روشني وجهندي چيو ته هي زونز صنعتي سيڙپڪاري، مينوفيڪرچنگ، روانگي واپار ۽ روزگار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ريگوليٽري سڌارن جو مقصد غير ضروري طريقيڪار ۽ ڪاروباري تعميلي بار کي گهٽ ڪرڻ، ڪاروباري عمل کي آسان بڻائڻ ۽ ريگوليٽري نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ موثر بڻائڻ آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي وڏي ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ نوجوان آبادي کي ملڪ جو اهم قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي، انٽرپرينيورشپ، هنرمندي، جديد صنعتن ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ سيڙپڪاري سان نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته ان سان ملڪي پيداواري صلاحيت ۾ به اضافو ٿيندو. هن پاڪستاني ڄاون آمريڪي ڪاروباري ماڻهن، پروفيشنلز ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ حصيداري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان کي عالمي مارڪيٽن، جديد ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ سرمائي سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري ۾ سهولت، ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ پيداواري سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکندي.

مزید خبریں