نيويارڪ - 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان سمورن اي سي او ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم جي گڏيل ويزن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ۽ علائقائي اقتصادي تعاون، رابطاڪاري ۽ انضمام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي …
پاڪستان اي سي او ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن علائقائي اقتصادي تعاون، رابطاڪاي ۽ انضمام کي مضبوط بڻائي سگهجي: محمد اسحاق ڊار

مزید خبریں
نيويارڪ – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان سمورن اي سي او ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم جي گڏيل ويزن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ۽ علائقائي اقتصادي تعاون، رابطاڪاري ۽ انضمام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي وزارتي ڪائونسل جي 27هين غير رسمي ويهڪ جي صدارت ڪئي. پاڪستان هن وقت اي سي اوز جي وزيرن واري ڪائونسل جي صدارت 27-2026ع لاءِ ڪري رهيو آهي جنهن جو موضوع هڪ مستحڪم اي سي او لاءِ علائقائيت جو خواهشمند آهي. نائب وزيراعظم اي سي او جي ميمبر ملڪن جو ٿورو مڃيو ته هنن پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ تنظيم جي مقصدن کي اڳيان وڌائڻ ۽ علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم خطي ۽ وچ اوڀر ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ عالمي قانون موجب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن زور ڀريو ته اي سي او ملڪن کي پنهنجي اجتماعي امڪانن کي ڪتب آڻيندي امن، لچڪ۽ علائقي جي تقريباً اڌ ارب ماڻهن کي گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ گهرجي. نائب وزيراعظم اي سي او جي صدارت لاءِ پاڪستان جو ترجيحون بيان ڪيون جن ۾ خطي اندر واپار ۽ اقتصادي انضمام کي گهرو ڪرڻ، وچ ايشيا کي عربي سمنڊ سان جوڙيندڙ رابطن ۽ ٽرانزٽ ڪوريڊورز کي مضبوط بڻائڻ، ڊجيٽل طور فعال اي سي او، فري ٽريڊ ايريا کي اڳتي وڌائڻ ۽ موسمياتي لچڪ تي علائقائي تعاون ۾ توسيع شامل آهي. هن ويهڪ ۾ اي سي او ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ سينيئر نمائندن شرڪت ڪئي. اي سي او جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪائونسل کي بريفنگ ڏني ۽ شريڪ وزيرن ۽ وفدن جي سربراهن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ وڌندڙ علائقائي تعاون جي حمايت جو اظهار ڪيو. هي ويهڪ اسلام آباد ۾ نومبر 2026ع ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن واري ڪائونسل جي 30هين اجلاس لاءِ تيزي جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. پاڪسان سمورن اي سي او ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن تنظيم جي گڏيل ويزن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ علائقائي اقتصادي تعاون، رابطاڪاري ۽ انضمام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.










