نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاران نيويارڪ ۾ جي-77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي سالياني اجلاس کي خطاب

نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ جي-77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي سالياني اجلاس کي خطاب ۾ ترقياتي ايجنڊا جي تحفظ ۽ ان کي گڏيل قومن جي محور ۾ رکڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق اسرندڙ ملڪن کي درپيش چيلنجز سميت قرضن جي بار، محدود مالياتي …

نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ جي-77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جي سالياني اجلاس کي خطاب ۾ ترقياتي ايجنڊا جي تحفظ ۽ ان کي گڏيل قومن جي محور ۾ رکڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق اسرندڙ ملڪن کي درپيش چيلنجز سميت قرضن جي بار، محدود مالياتي گنجائش، موسمياتي ڪمزورين ۽ ٽيڪنالاجي جي وسيع خال کي اجاگر ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير طئي ٿيل اعلانن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن ۾ سويلا معاهدو لاڳو ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارا شامل آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت بابت گڏيل قومن جي اڀرندڙ ميڪانزم کي ٽيڪنالاجي جي خال کي ڀرڻ گهرجي ۽ يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي اي آءِ ۾ بامعنيٰ آوزا حاصل ٿئي. هن عالمي ٽيڪس ڳالهين جي منصفاڻي نتيجي جي به اپيل ڪئي ۽ عالمي موسمياتي ڪارروائي ۾ برابري ۽ گڏيل ذميوارين جي اصول جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هڪ وڌيڪ منصفاڻي عالمي نظام کي اڳتي وڌائڻ ۽ ترقي کي گڏيل قومن جي ايجنڊا جي مرڪز ۾ رکڻ لاءِ جي-77 ۽ چين سان ويجهو سهڪار ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں