پاڪستان گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جي مڪمل حمايت جي توثيق ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

نيويارڪ - 26 سيپٽمبر (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان چين جي صدر شي جن پنگ جي دور انديش قدمن، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جو پختو حامي آهي، ۽ ان جي مڪمل حمايت جي توثيق ڪري ٿو، جي ڊي آءِ 2030ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي. ان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا به ڪافي چئلينجز موجود آهن، شديد موسمياتي آفتون، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ …

نيويارڪ – 26 سيپٽمبر (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان چين جي صدر شي جن پنگ جي دور انديش قدمن، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جو پختو حامي آهي، ۽ ان جي مڪمل حمايت جي توثيق ڪري ٿو، جي ڊي آءِ 2030ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي. ان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا به ڪافي چئلينجز موجود آهن، شديد موسمياتي آفتون، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جاگرافيائي، سياسي ڇڪتاڻ ۾ واڌ، اسرندڙ ملڪن جي ڪاميابين کي وري خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، انهن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط، گهڻ رخي تعاون جي ضرورت آهي. ڇنڇر ڏينهن چين جي نائب صدر هان زينگ جي ميزباني ۾ عالمي ترقياتي قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪووڊ-19 جي وبا جي عروج دوران 5 سال اڳ صدر شي جن پنگ عالمي ترقياتي قدمن (گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو) پيش ڪيو هو،  هي هڪ اهڙو دور انديش قدم هو جيڪو پنهنجي وقت کان ڪيترائي ڀيرا اڳيان هو، اڄ دنيا صدر شي جن پنگ جي ان فيصلي جي پسمنظر ۾ لڪيل دانائي ۽ بصيرت کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته 2030ع جي انهن قدمن جي مقرره مدت پوري ٿيڻ ۾ هاڻي 4 سال رهجي ويا آهن جڏهن ته پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي اڃا به ناڪافي ۽ سست آهي، پائيدار ترقي جي هدفن لاءِ مالي وسيلن جي وڌندڙ کوٽ بار بار ايندڙ ۽ پهرين کان وڌيڪ شديد موسمي آفتن، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ واڌ، اسرندڙ ملڪن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ڪاميابين کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. انهن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مضبوط، گهڻ رخي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوام جمهوريه چين ۽ ان جي عالمي قدمن ان سلسلي  ۾ وقت سر اڳڀرائي ڪئي. عالمي ترقياتي قدمن جو فريم ورڪ اڳ ۾ ئي اسرندڙ دنيا لاءِ ٺوس ۽ عملي فائدن ۾ تبديل ٿي چڪو  آهي، اهي قدم سڀني لاءِ فائدي جي حقيقي روح موجب فائدو پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڊي آءِ جي مڪمل حمايت جي توثيق ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو يڪجهتي زمين جي ڏاکڻن ملڪن جي تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ ٺوس نتيجن جي فراهمي جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. جي ڊي آءِ جا هدف اسان جي قومي اقتصادي تبديلي جي منصوبي جي تڪميل ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته چين سان اسان جو تعاون بيلٽ اينڊ روڊ قدمن ذريعي جاري آهي. هن جو فليگ شپ منصوبو چين پاڪستان  اقتصادي راهداري ذريعي بي جاري آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن اسان 2030ع طرف وڌي رهيا آهيون پاڪستان جي ڊي آءِ جي سمورن حصيدارن سان تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڪامياب منصوبن جي وڏي پئماني تي نقل ڪري تعاون جا نوان ۽ جدت تي ٻڌل شعبن جي نشاندهي ڪري تعاون وڌائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي ترقياتي قدم 2030ع جي ايجنڊا تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي به ضرورت آهي. گڏوگڏ عالمي حڪمراني قدمن، عالمي حڪمراني لاءِ وڌيڪ نمائنده ڍانچي جو متلاشي آهي. اهڙو ڍانچو جيڪو اسرندڙ ملڪن جي ترجيحن موجب هجي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل ڪي يو اين 80 قدمن کي گڏيل قومن جي ترقياتي ٿنڀ کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، انهن قدمن کي عملي سطح تي نتيجا فراهم ڪرڻ جي ان جي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن سمورن انتهائي اهم قدمن جو پختو حامي آهي ۽ رهندو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي مضبوط ترين دوست چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ساٿي ميمبرن سان گڏوگڏ مسلسل ويجهي تعاون جا منتظر آهيون ته جيئن اسان گڏجي هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جيڪو انسانيت جي گڏيل مستقبل جي تصور کي اڳتي وڌائي.

مزید خبریں