اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سامونڊي فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت پاڪستان نيوي جي جازن حنين ۽ يرموڪ پاران عربي سمنڊ ۾ ڪيل گڏيل ڪارروائي دوران 2 هزار 800 ڪلو گرام کان وڌيڪ منشيات قبضي ۾ وٺڻ تي آفيسرن ۽ …
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پاڪستان نيوي جي جوانن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سامونڊي فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت پاڪستان نيوي جي جازن حنين ۽ يرموڪ پاران عربي سمنڊ ۾ ڪيل گڏيل ڪارروائي دوران 2 هزار 800 ڪلو گرام کان وڌيڪ منشيات قبضي ۾ وٺڻ تي آفيسرن ۽ عملي جي پيشوراڻين صلاحيتن جي واکان ڪئي آهي. صدر مملڪت سامونڊي حدن ۾ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام ۽ سامونڊي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جي عزم جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان نيوي ملڪ جي سامونڊي حدن ۽ سامونڊي رستن جي حفاظت لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاڪستان امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺائڻ ۽ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي.










