نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران اي سي او وزارتي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل اسد مجيد خان سان ملاقات

نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ اي سي او وزارتي ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس جي موقعي تي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات ڪئي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق اسحاق ڊار اي سي او جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي صدارت دوران …

نيويارڪ- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ اي سي او وزارتي ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس جي موقعي تي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات ڪئي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق اسحاق ڊار اي سي او جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي صدارت دوران ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن علائقائي اقتصادي سهڪار، رابطي ۽ انضمام کي مضبوط بڻائي سگهجي.

مزید خبریں