اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير اعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي کان پوءِ وطن واپسي لاءِ نيويارڪ مان لنڊن روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم پنجن ڏينهن جي مصروف دوري دوران جرنل اسيمبل جي اجلاس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ گڏيل …
وزير اعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي کان پوءِ وطن واپسي لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير اعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي کان پوءِ وطن واپسي لاءِ نيويارڪ مان لنڊن روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم پنجن ڏينهن جي مصروف دوري دوران جرنل اسيمبل جي اجلاس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ويون. هن پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري تي زور ڀريو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن جو ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان جو دوروڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو 31 ڊسمبر 2026ع تي پنهنجو پنجن سالن جو مدو پوروڪري رهيو آهي. يو اين جنرل اسيمبلي کي ڪيل خطاب ۾ وزيراعظم تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڀارت کي خبردار ڪيو ته پاڪستان جي حصي جو درياهن جو پاڻي روڪڻ، رڪاوٽ وجهڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کي جنگي عمل تصور ڪيو ويندو.










