پاڪستان تي الزام غلط، ڀارت پاڻ دهشتگردي جو وڏو سرپرست آهي: صائمه سليم

گڏيل قومون - 26 سيپٽمبر (اي پي پي)  پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀارت پاران دهشتگردي جي سرپرستي ۽ هٿي ڏيڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي، ته ڀارت پروپئگنڊه کي رياستي حڪمت عملي بڻايو آهي، پاڪستان مشن جي قونصلر صائمه سليم ڀارتي نمائندي پٽيل گهلوت جي بيان تي جنرل اسيمبلي ۾ جاوب جو حق استعمال ڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگرد گروهن جي مدد ڪري …

گڏيل قومون – 26 سيپٽمبر (اي پي پي)  پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀارت پاران دهشتگردي جي سرپرستي ۽ هٿي ڏيڻ وارن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي، ته ڀارت پروپئگنڊه کي رياستي حڪمت عملي بڻايو آهي، پاڪستان مشن جي قونصلر صائمه سليم ڀارتي نمائندي پٽيل گهلوت جي بيان تي جنرل اسيمبلي ۾ جاوب جو حق استعمال ڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگرد گروهن جي مدد ڪري رهيو آهي، جن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچستان لبريشن آرمي ۽ ان جي مجيد برگيڊ شامل آهن، اهي الزام پاڪستان طرفان پيش ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان کنيو آهي، دهشتگردي سبب هلندڙ صدي جي شروعات کان هن وقت تائين اٽڪل هڪ لک پاڪستاني جانين کان محروم ٿي چڪا آهن. صائمه سليم ڪشمير جي معاملي تي ڀارتي موقف جو جواب ڏيندي چيو آهي، ته آزاد ۽ ڄمون ڪشمير ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کي هڪجهڙو قرار نٿو ڏئي سگهجي.  هن چيو ته پاڪستان موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي عمل ۾ حصو وٺن ٿا ۽ پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق رکن ٿا، جڏهن ته ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير کي بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق کان محروم رکيو ويو آهي. هن سنڌو درياهه جي پاڻي بابت 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ وارن ڀارتي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي زندگي جو بنيادي وسيلو آهي.  پاڪستاني نمائندي چيو آهي، ته ڄمون ڪسمير عالمي طور تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں