اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم جي ايڊوائيس تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سيف سٽي ڪئميرا ۽ سرويلنس انفراسٽرڪچر جي تحفظ ۽ نقصان جي تلافي بابت آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق آرڊيننس جو مقصد سيف سٽي ڪئميرائن ۽ نگراني جي نظام کي نقصان کان محفوظ بڻائڻ ۽ نقصان جي صورت ۾ ان جي تلافي …
صدر مملڪت پاران اسلام آباد سيف سٽي ڪئميرائن جي تحفظ ۽ نقصان جي تلافي بابت آرڊيننس جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم جي ايڊوائيس تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري سيف سٽي ڪئميرا ۽ سرويلنس انفراسٽرڪچر جي تحفظ ۽ نقصان جي تلافي بابت آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق آرڊيننس جو مقصد سيف سٽي ڪئميرائن ۽ نگراني جي نظام کي نقصان کان محفوظ بڻائڻ ۽ نقصان جي صورت ۾ ان جي تلافي يقيني بڻائڻ آهي. آرڊيننس تحت سيف سٽي ڪئميرائن ۽ سرويلنس انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچائڻ، نقصان پهچائڻ تي اڪسائڻ يا ترغيب ڏيڻ تي مالي ڏنڊ لڳائي سگهبو. سيف سٽي ڪئميرائن يا سرويلنس انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچائڻ جي صورت ۾ في ڪئميرا يا انفراسٽرڪچر 20 لک روپين تائين ڏنڊ لڳائي سگهبو. جلسن، جلوسن، ڌرڻن، احتجاج، هڙتال يا اجتماع دوران ٿيندڙ نقصان جي صورت ۾ انتظام سنڀاليندڙ کي نقصان جو ذميوار قرار ڏئي سگهبو. ڏنڊ ۽ نقصان جي لاڳت جو تعين لاڳاپيل آفيسر طرفان ٻڌڻي جو موقعو فراهم ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، لاڳاپيل شخص کي ڏنڊ يا نقصان جي لاڳت جي تعين خلاف 30 ڏينهن اندر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد آڏو اپيل جو حق حاصل هوندو، ڏنڊ يا نقصان مقرر رقم جي عدم ادائيگي جي صورت ۾ ان کي ايراضي جي ٽيڪس جي بقايائن طور وصول ڪري سگهبو. ڏنڊ ۽ نقصان جي مد ۾ وصول ٿيل رقم سيف سٽي ڪئميرائن ۽ سرويلنس انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ تبديلي تي خرچ ڪئي ويندي.










