اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پاڪستان نيوي جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڪامياب ڪارروائي تي مبارڪ ڏني. هن پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ عملي جي پيشوراڻين مهارتن ۽ سامونڊي حدن جي نگراني جي پڻ تعريف ڪئي، …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پاڪستان نيوي جي جوانن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پاڪستان نيوي جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڪامياب ڪارروائي تي مبارڪ ڏني. هن پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ عملي جي پيشوراڻين مهارتن ۽ سامونڊي حدن جي نگراني جي پڻ تعريف ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته منشيات جي اسمگلنگ خلاف پاڪستان نيوي جون ڪارروايون تعريف جوڳيون آهن. پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ذريعي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان نيوي جو ڪردار اهم آهي.











