پاڪستان نيوي جو عربي سمنڊ ۾ آپريشن، 2 هزار 800 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي جي جهازن حنين ۽ يرموڪ عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف گڏيل آپريشن دوران اٽڪل 750 ملين ڊالر ماليت جي 2 هزار 800 ڪلو گرام کان وڌيڪ منشيات قبضي ۾ ورتي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب معمول جي گشت دوران پاڪستان نيوي جي جهازن هڪ شڪي ٻيڙي کي روڪيو ۽ تلاشي ورتي جنهن دوران ٻيڙي جي ڳجهن …

راولپنڊي- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي جي جهازن حنين ۽ يرموڪ عربي سمنڊ ۾ منشيات خلاف گڏيل آپريشن دوران اٽڪل 750 ملين ڊالر ماليت جي 2 هزار 800 ڪلو گرام کان وڌيڪ منشيات قبضي ۾ ورتي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب معمول جي گشت دوران پاڪستان نيوي جي جهازن هڪ شڪي ٻيڙي کي روڪيو ۽ تلاشي ورتي جنهن دوران ٻيڙي جي ڳجهن خانن مان منشيات هٿ آئي. چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف آفيسرن ۽ عملي جي پيشوراڻين مهارتن جي تعريف ڪندي سامونڊي تحفظ ۽ سمنڊ رستي غير قانوني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان نيوي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.

مزید خبریں