وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو: حريت ڪانفرنس

اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو، وزيراعظم جي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي اهميت ڏيڻ …

اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو، وزيراعظم جي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي اهميت ڏيڻ تعريف جوڳو آهي. حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير چيپٽر جي اطلاعات سيڪريٽري امتياز واني هتي جاري بيان ۾ چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس، وزيراعظم پاڪستان طرفان ڪشمير مسئلي کي عالمي فورم تي اجاڳر ڪرڻ جي آجيان ڪري ٿي، وزيراعظم عالمي برادري کي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي ياد ڏياري، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي منصفاڻو حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آواز کي ساراهي ٿي، گڏيل قومون ۽ عالمي طاقتون ڪشمير مسئلي جي پر امن ۽ منصفاني حل لاءِ پنهنجو ڪردارا ادا ڪن.

مزید خبریں