اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي با شعور عوام انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو. هتي جاري بيان مطابق انجنيئر امير مقام چيو ته صوبائي حڪومت جي ترجيح عوام نه …
خيبرپختونخواهه جي باشعور عوام انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي با شعور عوام انتشار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو. هتي جاري بيان مطابق انجنيئر امير مقام چيو ته صوبائي حڪومت جي ترجيح عوام نه انتشار آهي، 27 سيپٽمبر ويو، هاڻي 4 آڪٽوبر اچي ويو، پر ڪي پي ڪي جو سوال اهو ئي آهي، 14 سال ۾ صوبي کي ڇا ڏنو؟ صوبو دهشتگردي ۽ بد امني کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ حڪومت جون سڀ توانائيون مارچن تي لڳل آهن. هن چيو ته دهشتگردي سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پر پي ٽي آءِ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي، ڪي پي ڪي جي حڪومت جي ترجيحن ۾ به دهشتگردي جي خاتمي جي ڪا واضح ايجنڊا نظر نه ٿي اچي، اها ڳالهه به سوال جوڳي آهي ته اڄ تائين پي ٽي آءِ جي ڪنهن ريلي، عوامي اجتماع يا ڪنهن اڳواڻ کي دهشتگردي جي ڪنهن حملي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته اسان ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا آپگهاتي حملن کي منهن ڏئي چڪا آهيون، ان ڪري اها صورتحال ڪيترا ئي سوال اٿاري ٿي، دهشتگردي جو ڏک انهن هزارين خاندانن کان پڇيو جن پنهنجا پيارا وڃايا، ڪنهن به صورت ۾ پوليس تي قبضو يا ان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان پوليس کي سياست ۾ گِهلڻ جي خلاف آهيون، 4 آڪٽوبر جو واحد مقصد صوبي کي بند رکڻ، عوام لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي وڌيڪ سزا ڏيڻ آهي.











