حافط محمد طاهر محمود اشريف پاران وزيراعظم جي شهباز شريف جي گڏيل قومن ۾ خطاب کي خراج تحسين، پاڪستاني قوم ۽ عالمي اسلام جي جذبن جي ترجماني قرار

اسلام آباد - 26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافط محمد طاهر محمود اشرفي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي خطاب جي آجيان ڪندي چيو آهي، ته وزيراعظم جو خطاب پاڪستاني قوم، عالم اسلام، فلسطيني عوام ۽ حرمين شريفين سان گهري عقيدت رکندڙ سمورن ماڻهن جي جذبن جي ترجماني …

اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافط محمد طاهر محمود اشرفي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي خطاب جي آجيان ڪندي چيو آهي، ته وزيراعظم جو خطاب پاڪستاني قوم، عالم اسلام، فلسطيني عوام ۽ حرمين شريفين سان گهري عقيدت رکندڙ سمورن ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن  چيو ته وزيراعظم عالمي برادري آڏو فلسطين، ڪشمير ۽ سعودي عرب جي مقدس ماڳن جي سلامتي ۽ تقدس جي حوالي سان پاڪستان جي پراڻي موقف کي واضح انداز ۾ پيش ڪيو آهي.هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ حرمين شريفين جي سلامتي، دفاع ۽ استحڪام کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو.  هن چيو ته وزيراعظم جمعي ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي سعودي عرب خلاف هاڻوڪي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته حرمين شريفين جي سلامتي ۽ تقدس کي ڪنهن به خطري کي اهڙي ريد لائين قرار ڏنو جنهن کي ڪڏهن به پار نٿو ڪري سگهجي. هن سعودي عوام سان گڏ پاڪستان جي يڪجهتي کي پڻ ورجايو.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ۽ عالمي فورمن تي ان کي مسلسل اجاگر ڪندو رهندو. هن زور ڀريو آهي، ته ڪنهن به خطري جو ذريعو يا نوعيت ڪجهه به هجي پاڪستان سعودي عرب، مڪي شريف ۽ مدينه منوره جي تقدس يا حرمين شريفين جي سلامتي خلاف ڪنهن به قدمن کي قبول نٿو ڪري سگهي. هن وزيراعظم طرفان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل قومن ۾ وزيراعظم جي خطاب سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي اهميت ۽  وابستگي کي واضح ڪيو.

مزید خبریں