نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديشي وزيراعظم واپار، تعليم، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي وزيراعظم طارق …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديشي وزيراعظم پاران مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديشي وزيراعظم واپار، تعليم، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي بنگلاديش کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل قومن جي مقصدن جي فروغ جي لاءِ بنگلاديش جي ڪوششن جي حمايت کي ورجايو. وزيراعظم بنگلاديش سان گڏيل مفاد تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بنگلاديش جي وزيراعظم طارق رحمان پڻ خيرسگالي جي جذبي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن واپار، تعليم، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گهڻ رخي فورمز، خاص طور تي گڏيل قومن ۾ مسلسل رابطي ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.










