پاڪستان ۽ مالديپ پاران ڊجيٽل حصيداري جي نئين دور جي شروعات، آءِ ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ وسيع تعاون تي اتفاق

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان مالديپ جي عوامي مجلس جي پارلياماني وفد پارلياماني گروپ جي سينئر ڊپٽي ليڊر ابراهيم شجاع جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وفد جي آجيان ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي وڌندڙ آءِ سي ٽي شعبي، ڊجيٽل ورڪ فورس جي تياري، ڊجيٽل پبلڪ انفرااسٽرڪچر ۽ جدت تي ٻڌل معاشي ترقي کي …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان مالديپ جي عوامي مجلس جي پارلياماني وفد پارلياماني گروپ جي سينئر ڊپٽي ليڊر ابراهيم شجاع جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وفد جي آجيان ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي وڌندڙ آءِ سي ٽي شعبي، ڊجيٽل ورڪ فورس جي تياري، ڊجيٽل پبلڪ انفرااسٽرڪچر ۽ جدت تي ٻڌل معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آءِ ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ قائم مضبوط ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن کي اهم بنياد قرار ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل پبلڪ انفرااسٽرڪچر ۽ فن ٽيڪ جي شعبن ۾ ڀائيواري جي موقعن سان گڏوگڏ انهن جي صلاحيت ۾ واڌ ۽ اداره جاتي ڄاڻ جي مٽاسٽا تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مالديپ جي وفد ڊجيٽل شعبي ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ آءِ ٽي سميت اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي سمورن شعبن خاص ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ مالديپ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل عزم سان ٿي.

مزید خبریں