وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي ملاقات، خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي ضرورت تي زور

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ايران جي لاءِ پاڪستان جي اصولي سفارتڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ايران جي لاءِ پاڪستان جي اصولي سفارتڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻنهي ملڪن جا اعلى عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت طئي ٿيندڙ مفاهمت تي عملدرآمد جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ۽ تعميري ڪردار تي آمادگي جو ورجاءُ ڪيو. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ايران جي لاءِ پاڪستان جي اصولي سفارتڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو. ايراني صدر پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن جي پراڻي مضبوطي تي پڻ زور ڀريو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهبي وابستگين تي قائم آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايران جي مضبوط خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن کان موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ اڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ باقاعده مشاورت ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. ٻنهي ملڪن علائقائي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں