فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر جي ملاقات

راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ …

راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واضح ڪيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي لاءِ ان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ جي پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. مالديپ جي عوامي مجلس جي اسپيڪر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار جي ڀرپور ساراهه ڪئي. هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں