صدر آصف علي زرداري پاران ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ ادروس ابراهيم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا …

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ ادروس ابراهيم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي اهو صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.

مزید خبریں