وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ ادروس ابراهيم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف انور ابراهيم ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا …

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ ادروس ابراهيم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف انور ابراهيم ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.

مزید خبریں