سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهي آهي. خميس ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته الله تعالى، پاڪستاني قيادت جي گڏيل مشاورت ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهي آهي. خميس ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته الله تعالى، پاڪستاني قيادت جي گڏيل مشاورت ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ برڪت عطا فرمائي رهيو آهي. ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هن علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي ايراني صدر کي اعتماد ۾ ورتو.

مزید خبریں