نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان تعزيت ڪندي چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ …

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان تعزيت ڪندي چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ مون سميت پاڪستاني عوام جون دعائون ۽ همدرديون وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس خاندان سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل ڏي.

مزید خبریں