ڪوپن هيگن - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجآءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور ڪوپن هيگن ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺندي گڏيل …
پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
ڪوپن هيگن – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجآءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور ڪوپن هيگن ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪئي جڏهن ته ڊينمارڪ پاران واپار ۽ سيڙپڪاري جي اسٽيٽ سيڪريٽري سفير سوزين هائيلڊ وفد جي سربراهي ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران سياسي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، ماحول دوست توانائي طرف منتقلي، توانائي جي شعبي ۾ تعاون، عوامي رابطن، قونصلر معاملن ۽ گهڻ رخي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ڊينمارڪ جي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي خصوصي زور ڏنو ويو. سيڙپڪاري جي لاءِ قابل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي، لاجسٽڪس، بندرگاهن جي سهولتن، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، ماهيگيري ۽ پائيدار مينوفيڪچرنگ جي شعبن کي اهم قرار ڏنو ويو. پاڪستان گرين فريم ورڪ انگيجمنٽ معاهدي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪٽر ڪوآپريشن تحت ڊينمارڪ جي مسلسل تعاون کي ساراهيو، جنهن ۾ فيصل آباد جو ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ پڻ شامل آهي. ٻنهي ملڪن عوامي رابطن کي آسان بڻائڻ جي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ ويزا ۽ قونصلر معاملن، پيشيور ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي اچ وڃ ۽ سڌوسنئون اڏامن جي ذريعي فضائي رابطن جو فروغ شامل آهي. گهڻ رخي تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڌرين 26 – 2025ع جي مدي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ ئي وقت ميمبر جي حيثيت سان پنهنجي ويجهي رابطن جو جائزو ورتو. ان کانسواءِ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي رابطن جي رفتار برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ سياسي مشاورت جو ايندڙ دور گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو.











