اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير خليل هاشمي سان يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت جرمني جي سياسي پارٽي اي ايف ڊي سان تعلق رکندڙ يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ميري خان هولوخ ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن، جي ايس پي پلس، قانونسازي ۾ سڌارن ۽ علائقائي اڳڀرائي سميت مختلف معاملن تي کلي ڪري ۽ تعميري …
وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير خليل هاشمي سان يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد جي ملاقات، پاڪ يورپي يونين لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير خليل هاشمي سان يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي قيادت جرمني جي سياسي پارٽي اي ايف ڊي سان تعلق رکندڙ يورپي پارليامينٽ جي ميمبر ميري خان هولوخ ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن، جي ايس پي پلس، قانونسازي ۾ سڌارن ۽ علائقائي اڳڀرائي سميت مختلف معاملن تي کلي ڪري ۽ تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي ساراهيو ۽ اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جي موقف کي بهتر طور تي سمجهڻ جو موقعو مليو جڏهن ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ويو.











