پيٽروليم واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، وزيراعظم فيول ريليف اسڪيم تي عملدرآمد، شين جي بنارڪاوٽ دستيابي بابت انتظامن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم شين جي بنارڪاوٽ فراهمي، وزير اعظم فيول ريليف اسڪيم  تي عملدار،سڄي ملڪ  ۾ پيٽروليم شين جي بنارڪاٽ دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ سپلائي چين ٽرانسپورٽيشن ۽ لاجسٽڪس انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز، اوگرا، آئل ڪمپنيز اينڊوائيزري ڪائونسل، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، پاڪستان …

اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽروليم شين جي بنارڪاوٽ فراهمي، وزير اعظم فيول ريليف اسڪيم  تي عملدار،سڄي ملڪ  ۾ پيٽروليم شين جي بنارڪاٽ دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ سپلائي چين ٽرانسپورٽيشن ۽ لاجسٽڪس انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز، اوگرا، آئل ڪمپنيز اينڊوائيزري ڪائونسل، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، پاڪستان پيٽروليم ڊيلر ايسوسيئيشن، آل پاڪستان پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير، وزيراعظم فيول رليف اسڪيم لاءِ پيٽروليم ڊيلرز جي ايسوسيئيشنز جي تعاون ۽ مڪمل حمايت کي ساراهيو. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت امن امان جي ڪنهن به صورتحال يا روڊن جي بندش جي صورت ۾ ٻارڻ جي بنارڪاوٽ فراهمي لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي پيٽروليم شين جي پهچ ۽  سپلائي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي به يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.ريلوي جي ايڊيشنل سيڪريٽري خاطري ڪرائي ته پاڪستان ريلوي روڊن جي بندش جي صورت ۾ ڊيزل رسائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ريل بوگين جي دستيابي يقيني بڻائيندي، خاص ڪري خيبرپختونخوا ۾ سپلائي جو تسلسل برقرار رکيو ويندو.پي ايس او اجلاس کي ٻڌايو ته امڪاني رڪاوٽن کي نظر ۾ رکندي اهم ڊيپوئن تي اضافي شين جو ذخيرو اڳ ئي ڪيو ويو آهي. اوگرا اجلاس کي ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي مسلسل دستيابي لاءِ اوگرا جو خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير  اٽڪ ريفائنري کي به هدايت ڪئي ته خام تيل جي مسلسل فراهمي ۽ تيار شين جي رسد کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم فيول ريليف اسڪيم تحت 10 هزار پمپس مان 8500 کان وڌيڪ کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن ، پيٽرول پمپس کي ادائيگين جي عمل روزاني جي بنياد تي جاري آهي. وفاقي وزير اڪاؤنٽ نمبرن ۽ ٻين مسئلن سميت سمورن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن باقي پيٽرول پمپس کي به ادائيگيون بنا رڪاوٽ ڪري سگهجن ۽ عوام کي اسڪيم تحت رليف جو سلسلو جاري آهي. علي پرويز ملڪ اوگرا کي هدايت ڪئي ته اسڪيم تحت اهل صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ فيول رليف کان انڪار ڪندڙ ڪنهن به پيٽرول پمپ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ خدابخش چيو ته  اسڪيم ڪاميابيءَ سان جاري آهي ۽ حڪومت کي ايسوسيئيشن طرفان مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڊيلرز انهن قدمن تي عملدرآمد ۾ حڪومت سان تعاون جاري رکندا. آل پاڪستان پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن جي همايون خان ۽ نعمان بٽ پيٽرول پمپ مالڪن کي مالڪن کي اعتماد ۾ وٺڻ تي حڪومت جو ٿورو مڃيندي چيو ته سندن ايسوسيئيشن  اسڪيم جي مڪمل حمايت ڪري ٿي.

مزید خبریں