اسلام آباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان سامونڊي شعبي ۽ ان بابت آپريشنز ۾ عالمي سامونڊي قانونن ۽ معيارن تي عمل ڪري رهيو آهي، انهن قانونن تي اثرائتي عمل لاءِ قانون سازي، نفاذ، تربيت ۽ صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. ميري ٽائم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 2026ع …
پاڪستان ۾ عالمي سامونڊي قانونن تي عمل جاري آهي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان سامونڊي شعبي ۽ ان بابت آپريشنز ۾ عالمي سامونڊي قانونن ۽ معيارن تي عمل ڪري رهيو آهي، انهن قانونن تي اثرائتي عمل لاءِ قانون سازي، نفاذ، تربيت ۽ صلاحيتن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. ميري ٽائم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 2026ع جو موضوع ”پاليسي کان عمل تائين: سامونڊي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي کي هٿي ڏيڻ“ سامونڊي پاليسين ۽ عالمي معيارن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سامونڊي معيارن تي عمل لاءِ لاڳاپيل حڪومتي ادارن، ريگوليٽرز، بندرگاهن، شپنگ ڪمپنين ۽ بين اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اثرائتو رابطو ۽ سهڪار ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميري ٽائم ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ جي شروعاتي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري جاري ڪندڙ اداري جي حيثيت سان اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن سامونڊي شعبي ۾ تربيت ۽ پيشيوراڻي مهارت کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته ورلڊ ميري ٽائم ڊي 2026ع جو موضوع پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ به اهم آهي جنهن ۾ بنيادي ڍانچي ۽ جدت ذريعي هدف 9، موسمياتي قدمن ذريعي هدف 13، سمنڊن جي تحفظ ذريعي هدف 14 ۽ عالمي شراڪتداري ذريعي هدف 17 حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. جنيد انوار چوڌري چيو ته اهو موضوع پاڪستان لاءِ بندرگاهي آپريشنز، شپنگ، سامونڊي تحفظ، سامونڊي عملي جي تربيت ۽ سامونڊي ماحول جي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ ّاص اهميت رکي ٿو. وفاقي وزير پنهنجي ڊگهي مدي واري ويزن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جو تجويز ڪيل ”ميري ٽائم سينچري 2047ع کان 2147ع“ اونهي سمنڊ جي نين بنرگاهن جي قيام، جهاز سازي ۽ جهازن جي ري سائيڪلنگ لاءِ مصنوعي ذهانت سان ليس سامونڊي صنعتي مرڪزن جي قيام، پاڪستان ۾ جهازن جي تياري، ماحول دوست ۽ ڊيجيٽل بندرگاهن جي ترقي ۽ علاقائي سامونڊي سهڪار تي ڌيان ڏيڻ آهي.











