وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ملاقات

مظفرآباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم بئريسٽر افتخار گيلاني هتي ملاقات ڪئي. ڪشمير معاملن بابت وزير جي آفيس مان جاري بيان مطابق وزيراعظم هائوس مظفرآباد آمد تي وفاقي وزير جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. ملاقات دوران انجنيئر امير مقام وزيراعظم بئريسٽر افتخار گيلاني کي گلدستو پيش ڪيو ۽ نيون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن …

مظفرآباد- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم بئريسٽر افتخار گيلاني هتي ملاقات ڪئي. ڪشمير معاملن بابت وزير جي آفيس مان جاري بيان مطابق وزيراعظم هائوس مظفرآباد آمد تي وفاقي وزير جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. ملاقات دوران انجنيئر امير مقام وزيراعظم بئريسٽر افتخار گيلاني کي گلدستو پيش ڪيو ۽ نيون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ دلچسپي جي معاملن سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ترقياتي سرگرمين، عوامي ڀلائي ۽ خطي جي موجوده ترقياتي ضرورتن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام آزاد ڪشمير جي نئين حڪومت کي خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت خطي جي ترقياتي ترجيح حاصل ۽ عوامي ڀلائي بابت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ حڪومت آزاد ڪشمير سان ڀرپور سهڪار ۽ اثرائتي رابطه ڪاري کي يقيني بڻائيندي. آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم بيرسٽر افتخار گيلاني وفاقي وزير جي آمد ۽ منصب سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جو ٿورو مڃيو. هن آزاد ڪشمير جي ترقياتي ترجيحن جي حوالي سان وفاقي حڪومت پاران سهڪار جي خاطري کي ساراهيو. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت وچ ۾ مختلف معاملن تي رابطه ڪاري کي اثرائتو بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں