مصر، يونان ۽ قبرص جي دفاع بابت وزيرن جي قاهره ۾ ملاقات، فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

قاهره- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر، يونان ۽ قبرص جي دفاع وارن وزيرن قاهره ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي هٿياربند فوج جي بيان مطابق مصر جي دفاع ۽ عسڪري پيداوار بابت وزير اشرف سالم زاهر ٽنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن لاءِ مسلسل رابطه ڪاري جي اهميت تي زور …

قاهره- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر، يونان ۽ قبرص جي دفاع وارن وزيرن قاهره ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي هٿياربند فوج جي بيان مطابق مصر جي دفاع ۽ عسڪري پيداوار بابت وزير اشرف سالم زاهر ٽنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن لاءِ مسلسل رابطه ڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سهڪار سان اوڀر رومي سمنڊ ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي دفاع واري وزير نيڪوس ڊينڊياس اجلاس کي ٽنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي بهتر مستقبل جي جوڙجڪ ۽ عالمي معاهدن ۽ قانونن جي احترام جي دائري ۾ گڌيل فوجي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. قبرص جي دفاع واري وزير واسيليس پامپاس چيو ته اهو اجلاس هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ مصر جي سامونڊي ڪناري واري شهر العلمين ۾ ٽنهي ملڪن جي سربراهن جي منعقد ٽه ڌري اجلاس جي سلسلي ۾ ٿيو آهي. هن خطي ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ چيلنجز کي نظر ۾ رکندي گڏيل رابطه ڪاري جي ضرورت تي زور ڀريو. ڇهين ٽه ڌري اجلاس جي پڃاڻي تي ٽنهي ملڪن گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون جنهن جو مقصد دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۽ اوڀر رومي سمنڊ ۾ امن ۽ استحڪام جي حمايت ڪرڻ آهي.

مزید خبریں