عالمي اداري کي تبديل ٿيندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڌيان بنيادي ذميوارين ۽ تڪرارن جي حل تي ڏيڻ گهرجي: آمريڪي پرڏيهي وزير

گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته دنيا ۾ هڪ اثرائيو ۽ فعال عالمي نظام موجود ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن وچ تڪرارن کي حل ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مارڪوروبيو چيو ته موجوده عالمي نظام پنهنجون ذميواريون اثرائتي انداز ۾ ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو …

گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته دنيا ۾ هڪ اثرائيو ۽ فعال عالمي نظام موجود ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن وچ تڪرارن کي حل ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مارڪوروبيو چيو ته موجوده عالمي نظام پنهنجون ذميواريون اثرائتي انداز ۾ ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ عالمي اڳواڻن ۾ ان ڳالهه تي وسيع پيماني تي اتفاق راءِ موجود آهي ته ان کي پنهنجن اصل ترجيحن ۽ ڪردار ڏانهن واپس آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي وڏن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ عالمي ادارا اثرائتو ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيا. هن چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ اهڙو فعال نظام موجود هجي ها ته اسان ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ جنگ يا پاڪستان ڀارت وچ ۾ امڪاني تڪرارن کي حل ڪري سگهون پيا. مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته جڏهن عالمي نظام اثرائتو ثابت نه ٿئي ته رياستون پنهنجن قومي مفادن مطابق فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون. هن مطابق عالمي ادارن کي پنهنجو ڌيان بنيادي ذميوارين ۽ تڪرارن جي حل تي ڏيڻو پوندو ته جيئن هو تبديل ٿيندڙ عالمي چيلنجز کي منهن ڏئي سگهن.

مزید خبریں