نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان ويڊهول سان ملاقات

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان ويڊهول ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، هنرمند افرادي قوت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان ويڊهول ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، هنرمند افرادي قوت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان ويڊهول سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني ۽ پراڻي ۽ دوستاڻي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هنن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروباري سطح تي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ دفاع، تعليم، هنرمند افرادي قوت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جرمن پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ عالمي سطح تي مسلسل ڪوششن جي اهميت تي جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں