نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير اريتوشام آدم سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان ۽ مالديپ جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين اعلى …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مالديپ جي پرڏيهي وزير اريتوشام آدم سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير اريتوشام آدم سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان ۽ مالديپ جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين اعلى سطح جي مسلسل رابطن جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ واپار، رابطن، اقتصادي لاڳاپن، ڪاروبار کان ڪاروبار رابطن، تعليم ۽ تحقيق ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ مالديپ جي پرڏيهي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ سارڪ سميت گهڻ رخي سطح تي وڌيڪ تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مالديپ جي پرڏيهي وزير پاڪستان سان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











