وزيراعظم پاران ڊاڪٽر نجيب نقي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي جي لاءِ بطور صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چونڊجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر نجيب نقي جي چونڊ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر نجيب نقي جي لاءِ بطور صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چونڊجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر نجيب نقي جي چونڊ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ڊاڪٽر نجيب نقي پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں