وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڀائر سعودي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سعودي عرب جي ترقي نه رڳو مُلڪ لاءِ پر پاڪستان لاءِ به فخر جو سبب …

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڀائر سعودي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سعودي عرب جي ترقي نه رڳو مُلڪ لاءِ پر پاڪستان لاءِ به فخر جو سبب آهي. منهنجي ڀاءُ محمد بن سلمان جي متحرڪ ۽ دُور انديش قيادت ۾، سعودي عرب خوشحالي ۽ جديديت جي سفر تي گامزن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ آزمايل ڀائيچاري تي فخر محسُوس ڪري ٿو، جنهن جو بنياد مذهب، گڏيل اعتماد ۽ عوام جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جن جو بنياد امن، سلامتي ۽ مسلمان امت جي اتحاد لاءِ اسان جي گڏيل وابستگي تي قائم آهي. اسان فخر سان گڏ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاع معاهدي ۽ مڪه مڪرمه گڏيل دفاع معاهدي تي صحيحُون ڪيُون. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي سعودي عرب جي خلاف حوثي حملن خاص طور تي مقدس شهر مڪي تي ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت کي ورجايان ٿو، حرمين الشريفين جي حرمت ۽ سلامتي لاءِ ڪو به خطرو دنيا جي مسلمانن جي جذبات کي سخت مجرُوح ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ اسلام جي مقدس جاين جي حفاظت جي لاءِ سعودي عرب سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان سعودي عرب ڀائراڻي دوستي زنده باد جي نعري سان پُڄاڻي ڪندي وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڏينهن رات ترقي ڪندا رهن.

مزید خبریں