پي سي بي جي انتظام هيٺ اسڪول ڪرڪيٽ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جي شروعات، افتتاحي ميچ ۾ محسن نقوي پاران خاص مهمان طور شرڪت

لاهور- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ اسڪول ڪرڪيٽ ٽيلنٽ هنٽ جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. پروگرام جي افتتاحي مرحلي ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ بيڪن هائوس ۽ ايچي سن ڪاليج جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پي سي بي جي چيئرمين افتتاحي ميچ جي موقعي تي قذافي …

لاهور- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ اسڪول ڪرڪيٽ ٽيلنٽ هنٽ جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. پروگرام جي افتتاحي مرحلي ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ بيڪن هائوس ۽ ايچي سن ڪاليج جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پي سي بي جي چيئرمين افتتاحي ميچ جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم پهتو جتي هن رانديگرن سان ملاقات ڪئي. هن نوجوان ڪرڪيٽرز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، کين همٿايو ۽ راند ۾ ڀرپور محنت، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي سان اڳتي وڌڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون مڃرائڻ ۽ قومي سطح تي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته گراس روٽ ليول تي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين ٽيلنٽ کي همٿائڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن سڄي ملڪ مان باصلاحيت نوجوان ڪرڪيٽرز کي اڳتي آڻي سگهجي. پر سي بي جي چيئرمين مطابق هلندڙ سال اسڪول ڪرڪيٽ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ۾ ملڪ جي 100 ضلعن جي اٽڪل 1400 اسڪولن جا 21 هزار شاگرد حصو وٺندا. پروگرام تحت هلندڙ سال مجموعي طور 2895 ميچز کيڏيون وينديون، جنهن جو مقصد وڌ کان وڌ نوجوانن کي ڪرڪيٽ جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ هيٺاهين سطح تي راند جي دائري کي وسيع ڪرڻ آهي. افتتاحي ميچ جي موقعي تي پي سي بي جي چيئرمين ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ نوجوان رانديگرن کي راند جي ميدان ۾ ڀرپور جذبي سان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي.

مزید خبریں