اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم اپوسٽيل ۽ دستاويزن جي تصديق جي نظام بابت ميڊيا رپورٽ جو نوٽيس وٺندي پرڏيهي وزارت جي دستاويزن جي تصديقي نظام جي جاچ لاءِ ٽي رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي جو ڪنوينر پيٽروليم وارو سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ جڏهن ته قانون وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر ۽ ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري قمر سرور عباسي ڪميٽي جا ميمبر هوندا. نائب …
نائب وزيراعظم اپوسٽيل ۽ دستاويزن جي تصديق جي نظام بابت ميڊيا رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، پرڏيهي وزارت جي دستاويزن جي تصديقي نظام جي جاچ لاءِ ٽي رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم اپوسٽيل ۽ دستاويزن جي تصديق جي نظام بابت ميڊيا رپورٽ جو نوٽيس وٺندي پرڏيهي وزارت جي دستاويزن جي تصديقي نظام جي جاچ لاءِ ٽي رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي جو ڪنوينر پيٽروليم وارو سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ جڏهن ته قانون وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر ۽ ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري قمر سرور عباسي ڪميٽي جا ميمبر هوندا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري نوٽفڪيشن موجب ڪميٽي اپوسٽيل/ دستاويزن جي تصديق جي نظام ۾ ڪنهن به قسم جي غلط استعمال يا بي ضابطگين جي نشاندهي ڪندي، ڪوريئر سروسز جي ڪردار جو جائزو وٺندي ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي امڪاني ملوث هجڻ جو تعين ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي نظام ۾ بهتري جي لاءِ ضروري سڌارا پڻ تجويز ڪندي. انڪوائري ڪميٽي پنهنجون سفارشون ۽ جاچ جا نتيجا ٻن هفتن جي اندر پيش ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) ڪميٽي کي سموري لاڳاپيل رڪارڊ ۽ مواد تائين پهچ سميت مڪمل مدد فراهم ڪندو.










