اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان استحڪام سان سيڙپڪاري ۽ خودمختيار بحالي مان وسيع سرمائي جي جوڙجڪ ڏانهن وڌي ريو آهي، مالياتي ۽ پرڏيهي شعبي جي اسحڪام، مهانگائي، قرضن جي انتظام ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ايس ايم ايز، زراعت ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ مالي …
پاڪستان استحڪام سان سيڙپڪاري ۽ خودمختيار بحالي مان وسيع سرمائي جي جوڙجڪ ڏانهن وڌي رهيو آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان استحڪام سان سيڙپڪاري ۽ خودمختيار بحالي مان وسيع سرمائي جي جوڙجڪ ڏانهن وڌي ريو آهي، مالياتي ۽ پرڏيهي شعبي جي اسحڪام، مهانگائي، قرضن جي انتظام ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ايس ايم ايز، زراعت ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ مالي وسيلن تائين پهچ کي وڌايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه لنڊن ۾ جي پي مورگن جي ايمرجنگ اينڊ فرنٽيئر مارڪيٽن جا موقعا، ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد خاص ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت کي درپيش پرڏيهي معاشي دٻاءَ، ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي معاشي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي ۽ سيرپڪاري، سيڙپڪاري جي جوڙجڪ، روانگي واپار ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ڏانهن حڪومت جي ترجيحن تي روشني وڌي. ڪانفرنس ۾ پاڪسان جي حوالي سان مشهور عالمي اداره جاتي سيڙپڪارن ۽ وڏن مني مئنيجرز پاران ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. مجموعي طور تي 55 عالمي سيڙپڪار فنڊز پاڪستاني وفد سان ڪيترن ئي ون آن ون ملاقاتن ۽ هڪ مڪمل سيڙپڪار سيشن ۾ شرڪت ڪئي. سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي کي نظر ۾ رکندي سموريون ملاقاتون هڪ ئي ڏينهن ۾ منعقد ڪيون ويون، جن ۾ پاڪستان جي مستقبل جي معاشي رخ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ جاري معاشي تبديلي جي پائيدار ٿيڻ وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. جي پي مورگن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ڪنٽري هيڊ امين خواجه به ملاقاتن دوران موجود هو. ناڻي واري وزير حڪومت جي معاشي رخ واضح ڪندي ڇهن اهم ترجيحن تي روشني وڌي جن ۾ معاشي استحڪام کي پائيدار بڻائڻ ۽ مالياتي ۽ پرڏيهي معاشي دٻاءَ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت مضبوط ڪرڻ، استحڪام سبب پيداواري صلاحيت، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ۽ ذميواراڻي ترقي ڏانهن اڳڀرائي، ڍانچه جاتي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ، امداد سان واپار ۽ سيڙپڪاري طرف متنقلي، عوام ۽ معاشري جي مختلف طبقن لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ ۾ توسيع ۽ ڊجيٽلائيزيشن، بلاڪ چين ۽ ويب 3.0 سميت نئين معيشت لاءِ پاڪستان کي موثر طور تيار ڪرڻ شامل آهن. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل 3 سالن دوران پاڪستان جي بنيادي ترجيح معاشي استحڪام جي بحالي ۽ معاشي ساک جي نئين سر تعمير هئي، مالياتي استحڪام، پرڏيهي شعبي جي استحڪام، مهانگائي، قرضن جي انتظام ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. مالي سال 2026ع ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 3.7 سيڪڙو تائين بحال ٿي، جڏهن ته مالياتي خسارو جي ڊيپي جي 2.6 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو. جيڪو ڪيترن ئي سالن جي گهٽ ترين سطح آهي، جڏهن ته ملڪ مسلسل ٽيون ڀيرو پرائمري سرپلس به رڪارڊ ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت فعال انتظام ذريعي ملڪي قرضن جي عرصي ۾ اضافي ۽ ري فنانسنگ جي خطرن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، مالياتي استحڪام سان اهي قدم مجموعي خودمختار مالياتي پوزيشن کي مضبوط بڻائي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي معاشي مستقبل تي اعتماد ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مالياتي ذريعن ۽ سيڙپڪارن جي مختلف طبقن ذريعي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ حاصل ڪئي آهي، پاڪستان جي پهريون ايوارڊ يافته پانڊا بانڊ ۽ ان کان پوءِ رڪارڊ 3 ارب آمريڪي ڊالرن جي ٻن حصن تي ٻڌل يورو بانڊ ٽرانزيڪشن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ٻنهي کي جاري ڪرڻ ۾ سيرپڪارن پاران ڀرپور طلب سامهون آئي، اسان جو مقصد رڳو فنانسنگ حاصل ڪرڻ ناهي پر عالمي مارڪيٽن تائين مستقل پهچ برقرار رکڻ، سيرپڪارن جي دائره ڪار کي وسيع ڪرڻ، قرضن جي عرصي ۾ اضافو ۽ آهستي آهستي بهتر شرطن تي فنانسنگ حاصل ڪرڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ وسيع تر سرمائي جي جوڙجڪ جي نمايان امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت ايڪويٽي ۽ ڪارپوريٽ ڊيٽ مارڪيٽن کي مضبوط بڻائن، سيرپڪارنج ي شرڪت کي وسيع ڪرڻ، آءِ پي اوز جي سرگرمين ۾ اضافو ۽ مارڪيٽ جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پرڏيهي سرمائي جي وڌيڪ شموليت سان اسلامي فنانس ۽ سڪوڪ مارڪيٽن جي ترقي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري لاءِ دستياب ذريعن کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي وڏي داخلي مارڪيٽ، نوجوان افرادي قوت ۽ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪندي چيو ته ملڪ جي سيڙپڪاري جي ڪشش سڌارن ۽ وڏي پئماني تي موجود معاشي موقعن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ٽيڪس انتظاميه، ٽيرف ۾ معقوليت، توانائي، سرڪاري ادارن ۽ مالياتي شعبي ۾ سڌارن جو مقصد پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ۽ معيشت جي روانگي واپار، ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ، معدنيات، زراعت ۽ ويليو ايڊڊ خدمتن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي. پرڏيهي معاشي رابطن جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان روايتي طور امداد تي ڀاڙڻ کان اڳيان وڌندي واپار ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط رابطن ڏانهن فيصلائتي اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي سيڙپڪاري جي ڪهاڻي هاڻي رڳو فوري معاشي دٻاءَ تي ضابطو آڻڻ تائين محدود ناهي رهي پر ان ۾ سڌارن ۽ معاشي ري ريٽنگ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن مالياتي نظم و ضبط، پرڏيهي شعبي جي استحڪام ۽ سڌارن جي عمل کي برقرار کرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته حڪومت ملڪي ۽ عالمي نجي سرمائي لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد پاڪستان جي پرڏيهي پوزيشن ۾ بهتري کي اجاگر ڪندي چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي، ذخيرن ۾ ٿيندڙ اضافي جي معيار، ناڻي واڌ ۾ وڌندڙ رجحان ۽ پرڏيهي شعبي جي بنيادي اهڃاڻن ۾ بهتري تي روشني وڌي. هن روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي ايندڙ رقم جي وڌندڙ ڪردار، پرڏيهي شعبي ۾ سڌارن ۽ مالياتي شعبي جي بنيادي ڍانچي ۾ مضبوطي کي به اجاگر ڪيو. هن مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ گذريل سالن دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن قدمن سان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ بهتري آئي آهي ۽ پائيدار ترقي ۽ سيڙپڪاري لاءِ بنياد وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.











