وفاقي گهرو وزير پاران ڪوهاٽ ڌماڪي جي مذمت، جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ ۾ اولڊ پوليس لائين ويجهو ٿيل ڌماڪي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي. هن زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. …

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ ۾ اولڊ پوليس لائين ويجهو ٿيل ڌماڪي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي. هن زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پوري قوم شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. هن واضح ڪيو ته خوراجين جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قوم جي پختي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.

مزید خبریں