حافظ طاهر محمود اشرفي کي چرچ آف پاڪستان پاران گلوبل پيس ايوارڊ ڏنو ويو

 لاهور - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ڪو آرڊينيٽر قومي پيغام امن ڪميٽي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي کي چرچ آف پاڪستان پاران گلوبل پيس ايوارڊ ڏنو ويو. علماءَ ڪائونسل جي ترجمان موجب لاهور ۾ منعقد هڪ شاندار تقريب ۾ چرچ آف پاڪستان جي صدر بشپ آزاد مارشل کيس اهو اعزاز ڏنو ۽ پاڪسان ۾ امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي روداري کي …

 لاهور – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ڪو آرڊينيٽر قومي پيغام امن ڪميٽي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي کي چرچ آف پاڪستان پاران گلوبل پيس ايوارڊ ڏنو ويو. علماءَ ڪائونسل جي ترجمان موجب لاهور ۾ منعقد هڪ شاندار تقريب ۾ چرچ آف پاڪستان جي صدر بشپ آزاد مارشل کيس اهو اعزاز ڏنو ۽ پاڪسان ۾ امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ مذهبي روداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندس خدمتن جي تعريف ڪئي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چرچ آف پاڪستان ۽ بشپ آزاد مارشل جو ٿورو مڃيندي  چيو ته بشپ آزاد مارشل جي قيادت ۾ چرچ آف پاڪستان، مختلف مذهبن ۽ مسلم مڪتب فڪر جي قيادت سان گڏي امن، قومي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي جي پليٽ فارم سان مسلم ۽ غير مسلم مذهبي قيادت جي گڏيل جدوجهد پاڪستان ۾ امن، بين المذاهب  ۽ بين المسالڪ هم آهنگي ۽ قومي وحدت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.  بشپ آزاد مارشل چيو ته حافظ محمد طاهر محمود اشرفي پاڪستان ۾ رهندڙ غير مسلم شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ مختلف مذهبن وچ ۾ ڳالهين، هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي آهي. بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن لاءِ سندس قومي ۽ عالمي ڪردار هر پاڪستاني ۽ امن جي خواهشمند ماڻهن لاءِ  تعريف جوڳو آهي.