پي ايم فيول رليف اسڪيم تحت 10 لک ماڻهن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي: آءِ ٽي وزارت

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم فيول رليف اسڪيم تحت سڄي ملڪ ۾ مستحق ماڻهن کي ريليف جي فراهمي لاءِ هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي. انفارميشن ٽينڪالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي ترجمان موجب اسڪيم تحت هن وقت تائين 8 لک کان وڌيڪ ٽوڪن جنريٽ ڪيا ويا آهن. ٽوڪن رڊيمشن جي عمل ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد پهرين نمبر …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم فيول رليف اسڪيم تحت سڄي ملڪ ۾ مستحق ماڻهن کي ريليف جي فراهمي لاءِ هن وقت تائين 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي. انفارميشن ٽينڪالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي ترجمان موجب اسڪيم تحت هن وقت تائين 8 لک کان وڌيڪ ٽوڪن جنريٽ ڪيا ويا آهن. ٽوڪن رڊيمشن جي عمل ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد پهرين نمبر تي آهن. ترجمان ٻڌايو ته شفافيت ۽ فوري رليف جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتان کان 24 ڪلاڪ سڄي ملڪ ۾ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ڪئي ويندي. عوام جي رهنمائي ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ سرڪاري پورٽل pmfuelrelief.pk فعال آهي جتان کان شهري معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.