سيڪيورٽي فورسز جا شهيد قوم جو اثاثو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين ۽ وطن لاءِ شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير آءِ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 6 بهادر سپاهين جي عظيم قربانين کي سلام عقيدت پيش ڪندي چيو ته فورسز جا جوان قوم …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين ۽ وطن لاءِ شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير آءِ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل 6 بهادر سپاهين جي عظيم قربانين کي سلام عقيدت پيش ڪندي چيو ته فورسز جا جوان قوم جو قيمتي اثاثو آهن. هن واضع ڪيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي ۽ ملڪ مان فتني ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فورسز جو اهو جذبو برقرار رهندو. وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر ۽ تحمل جي دعا گهري.