پشاور-18 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي ڪوهاٽ اولڊ پوليس لائن ۾ ٿيل ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي پوليس عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جو اها بزدلاڻي ڪارروائي انتهائي افسوس جوڳي ۽ ناقابل قبول آهي. معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ وارو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن هدايت ڪئي ته ان واقعي ۾ زخمين کي فوري …
خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پاران ڪوهاٽ ڌماڪي جي رپورٽ طلب

مزید خبریں
پشاور-18 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي ڪوهاٽ اولڊ پوليس لائن ۾ ٿيل ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي پوليس عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جو اها بزدلاڻي ڪارروائي انتهائي افسوس جوڳي ۽ ناقابل قبول آهي. معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ وارو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن هدايت ڪئي ته ان واقعي ۾ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن اسپتالن ۾ زخمين جي فوري علاج ۽ ضروري طبي سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جڏهن ته شديد زخمين کي ضرورت موجب ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي انتظامن جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهجن.











