عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سان سندن زندگي ۾ بهتري ۽ تبديلي آڻي سگهجي ٿي: ڊاڪٽر مصديق ملڪ

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطاڪاري واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سان سندن زندگي ۾ بهتري ۽ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، نوجوان نسل کي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت جي اندروني ڳالهه ٻولهه جو محور اهو آهي ته هڪ غريب ماڻهو لاءِ باوقار زندگي جو فريم ورڪ آڻي سگهجي. هو خميس ڏينهن ليڊر ان …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطاڪاري واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي سان سندن زندگي ۾ بهتري ۽ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، نوجوان نسل کي موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت جي اندروني ڳالهه ٻولهه جو محور اهو آهي ته هڪ غريب ماڻهو لاءِ باوقار زندگي جو فريم ورڪ آڻي سگهجي. هو خميس ڏينهن ليڊر ان اسلام آباد بزنس سمٽ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته باوقار زندگي جو مطلب اهو آهي ته زال مڙس عزت ۽ وقار سان ڪم ڪري سگهن ۽ پنهنجي ٻچن کي اسڪول موڪلي سگهن ۽ کين اهڙي تعليم ملي جنهن سان زندگي جي موقعن جا دروازا سندن لاءِ کوليا وڃن جيڪڏهن صرف غير معمولي صلاحيت رکندڙ ماڻهن لاءِ موقعن جا دروازا کلن ۽ باقي ماڻهو رستي ۾ پيل هجن ته اهو باوقار زندگي جي تعريف ۾ نٿو اچي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته گهر ۾ ڪو بيمار ٿي وڃي ته ان کي اسپتال يا ڪلينڪ وٺي وڃي سگهجي ۽ اتي مناسب صحت جون سهولتون ملي سگهن. پيئڻ جو صاف پاڻي دستياب هجي. وچولي درجي جي انفراسٽرڪچر، ڀروسي جوڳي يوٽيليٽيز جو فريم ورڪ ۽ اهڙي ملازمت جنهن سان انسان پنهنجي زندگي گذاري سگهي. انسان پنهنجي بزرگ والدين جي خدمت ڪري سگهي ۽ زال مڙس عزت ۽ وقار سان روزگار حاصل ڪري سگهن ته اهو باوقار زندگي جو هڪ خاڪو آهي.