اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس .1021.39پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ هڪ لک 69 هزار 43.19 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، ان مان 296 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 152 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 123 ڪمپنين جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس ۾ 1021 پوائنٽن جي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ خميس ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس .1021.39پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ هڪ لک 69 هزار 43.19 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، ان مان 296 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 152 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 123 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ٿي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 306.30 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 50297 پوائنٽس جڏهن ته اسلامي ماليات تي ٻڌل ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1662.76 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 240616 پوائنٽس تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ مجموعي طور 386.36 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 20.091 ارب روپيا رهي، جڏهن ته فيوچر ٽريڊنگ تحت 5.594 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا، نمايان ڪاروباري سرگرميون رکندڙ ڪمپنين ۾ ميڊيا ٽائيمز لميٽيڊ جي 42.15 ملين شيئرز، سينرجيڪو پاڪستان جي 25.96 ملين شيئرز ۽ نيا ناظم آباد ريت اپارٽمنٽس لميٽيڊ جي 25.15 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي.










