لاڙڪاڻو - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي سکر خميس ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي درٻار ھال ۾ عوامي شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. کلي ڪچهري ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر عارفه بتول ۽ تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، تعليم ،ايريگيشن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن، وفاقي، توڙي صوبائي ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت …
صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي سکر پاران کلي ڪچهري منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي سکر خميس ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي درٻار ھال ۾ عوامي شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي. کلي ڪچهري ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر عارفه بتول ۽ تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، تعليم ،ايريگيشن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن، وفاقي، توڙي صوبائي ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي، مختلف کاتن سان لاڳاپيل ملازمن ۽ عام شهرين پاران پنهنجون شڪايتون ۽ مسئلا پيش ڪيا ويا. کلي ڪچهري دوران شهرين تعليم، پوليس، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل، ھيلٿ، ايريگيشن، واپڊا، ۽ روينيو کاتن سان لاڳاپيل مسئلن بابت شھرين، ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڳيان شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.

ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ سکر احمد علي قريشي شهرين جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي موقعي تي ھدايت ڪئي ته عوام پاران پيش ڪيل سمورين شڪايتن کي قانون ۽ ضابطن موجب جلد کان جلد حل ڪيو وڃي، ته جيئن عام ماڻهن کي سرڪاري آفيسن ۾ غير ضروري پريشاني ۽ مشڪلاتن کي منهن نه ڏسڻو پوي ـ کلي ڪچھري ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو خطاب ڪندي چيو ته محتسب اعلي ادارو انصاف فراهم ڪندڙ ادارو آهي جيڪو عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاء جاکوڙي پيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي احمد علي قريشي چيو ته صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جو ادارو عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هر شهري سادي ڪاغذ تي پنهنجي شڪايت لکي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ سکر جي آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿو، يا آن لائن ايپليڪيشن ذريعي پنھنجون شڪايتون موڪلي سگھي ٿو ته جيئن عوام کي شڪايتون داخل ڪرائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي.











