لاڙڪاڻو - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي ٻن منشيات فروش جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان گٽڪو، موٽرسائيڪل ۽ بغير لائسنس جو پسٽل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او ٿاڻو قبو سعيد خان انسپيڪٽر عبدالستار مگسي اسٽاف سان گڏ چيڪنگ دوران قبو ريگيوليٽر وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار سرتاج عرف خيرل چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 25 پيڪٽ گٽڪو ۽ …
قمبر پوليس پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري، جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي ٻن منشيات فروش جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان گٽڪو، موٽرسائيڪل ۽ بغير لائسنس جو پسٽل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او ٿاڻو قبو سعيد خان انسپيڪٽر عبدالستار مگسي اسٽاف سان گڏ چيڪنگ دوران قبو ريگيوليٽر وٽ ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار سرتاج عرف خيرل چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 25 پيڪٽ گٽڪو ۽ هڪ عدد موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ٻي ڪاروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻو انسپيڪٽر مختيار احمد مگسي گشت دوران مبارڪ پل وٽ ڪاروائي ڪندي جوابدار عبدالله چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بغير لائسنس جو پستول ۽ ميگزين هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا سميت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته وليد پوليس سمال انڊسٽريز واري علائقي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش راشد مڪول کي هڪ ڪلو 100 گرام چرس ۽ منشيات فروش علي گوهر مڪول کي هڪ ڪلو 50 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي گرفتار جوابدار منشيات فروشي جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهن. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت لاڙڪاڻو پوليس پاران "منشيات کان پاڪ لاڙڪاڻو” مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي.گرفتار جوابدارن کان خريدارن، لوڪل ڊيلرن، ٻين ساٿين ۽ سهولتڪارن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي.











