اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي ڪمپنين وي ٽي ٽي آءِ ۽ هني ويل يو او پي جي وفدن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پاڪستان جي ريفائنري سيڪٽر جي اپ گريڊيشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق وي ٽي ٽي آءِ، پاڪستان ۾ …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي ڪمپنين وي ٽي ٽي آءِ ۽ هني ويل يو او پي جي وفدن جون ڌار ڌار ملاقاتون

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي ڪمپنين وي ٽي ٽي آءِ ۽ هني ويل يو او پي جي وفدن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، توانائي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پاڪستان جي ريفائنري سيڪٽر جي اپ گريڊيشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان مطابق وي ٽي ٽي آءِ، پاڪستان ۾ انرجي اسٽوريج، بانڊڊ ويئر هائوس ۽ ايل پي جي اسٽوريج ٽرمينل ۾ سيڙپڪاري، جڏهن ته آمريڪي ڪمپني هني ويل يو او پي جي پاڪستان جي ريفائنري اپ گريڊيشن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، وي ٽي ٽي آءِ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ جي توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي صاف، اعتماد جوڳي ۽ سستي توانائي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته شفاف ۽ منصفاڻين قيمتن جي نظام کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفاقي وزير، هني ويل يو او پي جي دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت ريفائنري اپ گريڊيشن ذريعي ملڪي ريفائننگ صلاحيت ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ته جئين ڪارڪردگي بهتر، ملڪي ريفائننگ صلاحيت ۾ اضافو ۽ اعليٰ معيار جي پيٽروليم مصنوعات جي پيداوار ۾ معاونت ڪري سگهجي. ٻنهي ملاقاتن ۾ پاڪستان جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ، عالمي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ جي توانائي جي شعبي جي معاونت لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ فنانسنگ جي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي.










